بيلجيم پوليس پيرس حملن جي هڪ ٻئي اهم شڪي جوابدار ۽ محمد ابريني سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

balgium

بيلجيم پوليس پيرس حملن جي هڪ ٻئي اهم شڪي جوابدار ۽ محمد ابريني سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، محمد ابريني جو تعلق اڳ گرفتار ٿيل صالح عبدالسلام سان ٻڌايو پيو وڃي.

بيلجيم جي پراسيڪيوٽر موجب گذريل سال نومبر ۾ پيرس حملن ۾ مبينا طور ملوث شخص محمد ابريني کي اينڊر ليکت ضلعي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، ابريني گذريل 5 مهينن کان فرار هو، 13 نومبر تي پيرس حملن ۾ 130 ڄڻا مارجي ويا هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ابريني ئي ٽوپي پاتل اهو شخص ٿي سگهي ٿو جيڪو 22 مارچ تي برسلز ايئرپورٽ تي روانگي واري لائونج ۾ سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ نظر اچي رهيو  هو، پر اڃا تائين پوليس محمد ابريني جو برسلز حملن سان سڌو تعلق نه ڄاڻايو آهي.

بيلجيم جي پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته محمد ابريني جي گرفتاري کانپوءِ پيرس حملن ۾ ملوث آخري شڪي جوابدار به گرفتار ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ساڻس گڏ ٻه ٻيا شڪي ماڻهو به گرفتار ٿيا آهن، انکانسواءِ گرفتار ٿيل هڪ شخص جو نالو اسامه آهي، جنهن کان برسلز ميٽرو اسٽيشن مائل بيڪ تي ڌماڪو ڪندڙ آپگهاتي بمبار خالد البڪراوي جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

31 سالن جو محمد ابريني مراڪش ڄائو بيلجيم جو شهري آهي ۽ شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته کيس صالح عبدالسلام سان گڏ هڪ پيٽرول اسٽيشن تي ڏٺو ويو هو، خميس ڏهاڙي برسلز حملن ۾ ملوث ٽوپي واري شڪي شخص جي ويڊيو جاري ڪئي وئي هئي، جنهن بابت خيال آهي ته اهو ئي محمد ابريني آهي، برسلز حملن ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*