ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت سنڌ حڪومت تدارڪ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي ڄام مهتاب ڏهر

سنڌ جي صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر ٿر ۾ هلندڙ سال 316 ٻارڙا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اڪثر ٻارڙا نمونيا ۽ ٻين بيمارين سبب فوت ٿين ٿا.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت سنڌ حڪومت تدارڪ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي.

هن چيو ته ٿر ۾ هلندڙ سال 316 ٻارڙا فوت ٿيا آهن، جن مان اڪثر ٻار نمونيا ۽ ٻين بيمارين جي ڪري فوت ٿيا آهن.

ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ٿر ۾ ننڍي ڄمار ۾ شاديون ٿيڻ سبب ٻارڙا ڪمزور پيدا ٿين ٿا جيڪي بيمارين جي سٽ سهي نٿا سگهن.

صوبائي وزير چيو ته،19، 18 ۽ 17 گريڊ جي ڊاڪٽرن کي جلد پروموشن ڏنا ويندا ۽ صحت جي صورتحال بهتر بنائڻ لاءِ ضلعي سطح تي بورڊ قائم ڪيو ويندو.

هن چيو ته سمورن ضلعن جي ڊي ايڇ اوز کي اسپتالن ۾ او پي ڊي ۽ صحت جي سهولتن جي نگراني جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.

هن چيوته هو ڇهن مهينن اندر صحت کاتي ۾ سڌارا آڻيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*