لاهور هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ ٻين خلاف درخواستن تي پاناما ليڪس رڪارد پيش ڪرڻ جو حڪم

Lahore-High-Court

لاهور هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ ٻين خلاف درخواستن تي پاناما ليڪس جي دستاويزن کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي اجازت ڏيندي سمورن درخواستگذارن کي 14 اپريل تائين رڪارد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جـِي بينچ پاناما ليڪس جي انڪشافن بعد وزيراعظم نواز شريف، سندس ڪٽنب ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ لائير فورم جي گوهر نواز سنڌو ۽ ٻين درخواستگذارن موقف اختيار پاناما ليڪس جي انڪشافن بعد ثابت ٿي ويو آهي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس خاندان مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي.

درخواستگذارن موجب وزيراعظم نواز شريف آف شور ڪمپنين جو اعتراف ڪري چڪو آهي ۽ اهو به ثابت ٿي ويو آهي ته وزيراعظم 2013 جي چونڊ دوران نامزدگي ڪاغذن ۾  پنهنجا اصل اثاثا ظاهر نه ڪيا.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته پاناما ليڪس جي دستاويزن ۾ نالو اچڻ تي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کي نااهل قرار ڏئي مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پاناما ليڪس جي دستاويزن کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي اجازت ڏني.

عدالت، درخواستگذارن کي سمورو رڪارڊ 14 اپريل تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*