پشاور جي رنگ روڊ تي هڪ دڪان اندر سيلنڊر ڌماڪو نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پشاور جي رنگ روڊ تي هڪ دڪان اندر سيلنڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پشاور جي رنگ روڊ تي هڪ دڪان اندر سيلنڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جو پري پري تائين آواز ٻڌو ويو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڌماڪي سبب سڪيورٽي ادارا هاءِ الرٽ ٿي ويا ۽ ڌماڪي واري دڪان کي ڪڙو چاڙهي جاچ ڪئي وئي، پر سيلينڊر جو ڌماڪو ثابت ٿيڻ تي سڪيورٽي ادارن علائقي کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*