يوڪرين جي وزيراعظم آرسينـــَي ياتسنيوڪ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان

Ukraine-PM

يوڪرين جي وزيراعظم آرسينـــَي ياتسنيوڪ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سندس پارٽي حڪومتي اتحاد جو حصو آهي ۽ حڪومت جون واڳون هو اسپيڪر ولادمير گروسمين حوالي ڪندو.

وزيراعظم آرسينـــَي ياتسنيوڪ ٽوئيٽر تي استعيفيٰ جو اعلان ڪرڻ بعد ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي چيو ته هو پنهنجي استعيفيٰ 12 اپريل تي پارليامينٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندو.

هن چيو ته هڪ شخص جي تبديل ڪرڻ انڌن سياستدانن جي خواهش آهي، جيڪي ملڪ ۾ اصل تبديلي آڻيندڙ سياسي فيصلي کي روڪڻ چاهين ٿا، پر هو ملڪ کي غير مستحڪم ٿيڻ نه ڏيندو ۽ حڪومتي اتحاد ۾ شامل رهندا ۽ حڪومت جون واڳون پارليامينٽ جي اسپيڪر ولادمير گروسمين حوالي ڪندو.

آرسينـــَي ياتسنيوڪ کي صدر پيٽرو پوروشينڪو  فيبروري ۾ عهدو ڇڏڻ جو چيو هو پر هن مزاحمت ڪئي هئي ۽ پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي واري رٿ به رد ٿي وئي، جنهنڪري هو وزيراعظم جي عهدي تي برقرار هو.

آرسينـــَي ياتسنيوڪ جي حڪومت تي ڪرپشن ۽ غير فعال هجڻ جا الزام آهن، انکانسواءِ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف به کيس خبردار ڪيو هو ته سڌارا نه ڪرڻ جي صورت ۾ سندس حڪومت کي ساڍا 17 ارب ڊالرز امدادي رقم نه ڏني ويندي.

ڪيف حڪومت روسي نواز باغين سان جنگبندي جو معاهدي ڪيو آهي پر باغين جي اڪثريتي علائقن ۾ فائربندي جون ڀڃڪڙيون  عام آهن ، اهڙي وقت وزيراعظم جي استعيفيٰ ڪنهن اچرج ۾ وجهندڙ نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*