يمن ۾ ڏيڍ سال کان جاري جنگ کانپوءِ حڪومت ۽ حوثي باغين وچ ۾ جنگبندي جي شروعات ٿي وئي

yaman-

يمن ۾ ڏيڍ سال کان جاري جنگ کانپوءِ حڪومت ۽ حوثي باغين وچ ۾ جنگبندي جي شروعات ٿي وئي آهي، هلندڙ مهيني ڌريون ڪويت ۾ امن ڳالهيون شروع ڪري رهيون آهن.

گڏيل قومن جي ٽياڪڙي ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات مقامي وقت موجب رات جو ٻارهين وڳي يمني سرڪار ۽ حوثي باغين وچ ۾ جنگبندي شروع ٿي.

يمن جي صدر عبدالرب منصور هادي ۽ حوثي باغين کانسواءِ يمني سرڪار جي پٺڀرائي ڪندي باغين تي هوائي حملا ڪندڙ سعودي عرب به جنگبندي جي احترام جو اعلان ڪري چڪا آهن.

گڏيل قومن جي خاص نمائندي اسماعيل شيخ احمد جنگبندي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو يمن جي نئين سر تعمير جو اهم موقعو آهي ۽ هلندڙ مهيني ئي ڪويت ۾ ڌرين وچ ۾ امن ڳالهيون به شروع ٿي وينديون.

اسماعيل شيخ احمد يمن ۾ جنگبندي کي اهم، فوري ۽ ضروري قرار ڏيندي چيو ته يمن وڌين حياتين جو نقصان برداشت نٿو ڪري سگهي.

سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ نار جي ملڪن جي اتحاد پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اتحاد صدر منصور هادي جي چوڻ تي جنگبندي جي حمايت ڪري ٿو پر باغين پاران سيز فائر جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ردعمل جو حق محفوظ رکي ٿو، جڏهن ته باغين به ساڳئي قسم جو بيان جاري  آهي.

جنگبندي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ يمن ۾ ٿيل حملن ۾ وڌيڪ 20 ڄڻا مارجي ويا، جنهن بعد ملڪ جي ويڙهه وارن علائقن ۾ ٺاپر نظر اچي رهي آهي.

يمن ۾ 2014ع کان شروع ٿيل جنگ جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*