آرٽيڪل 6 پ پ جو تير آهي ۽ جڏهن به آئين تي خراب وقت آيو ته اهو تير هلندو: سيد قائم علي شاهه

qaim-ali-shah

سنڌ جي وڏي  وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته رضا رباني ڪاوڙ ۾  آرٽيڪل  کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، آرٽيڪل 6  پ پ جو تير آهي ۽ جڏهن به آئين تي خراب وقت آيو ته اهو  تير هلندو.

سنڌ اسيمبلي ۾ 73 واري آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري ٺهراءُ تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جو آئين ڀارت جي آئين کان بهتر آهي ۽ ان جي ڀڃڪڙي جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته 73 وارو آئين وڏين مشڪلاتن سان ٺهيو، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪارنامو هو ، مخالف ڪيتريون به ڪوششون ڪن سنڌ اسيمبلي پنهنجو مدو هر صورت ۾ پورو ڪندي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته جڏهن آئين ٺهيو ته ان وقت اڌ پاڪستان رهجي ويو  ۽ ملڪ اندر کنڊ جي نه آئين جي ضرورت آهي.

هن چيو آصف زرداري پرويز مشرف کي ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ تي مجبور ڪيو  ۽ جمهوريت پسندن کي آئين جي ڀڃڪڙي جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي.

وڏي وزير چيو ته آرٽيڪل 6 پ پ جو تير آهي ۽ جيڪڏهن  آئين تي خراب وقت آيو ته آرٽيڪل 6 جو تير هلندو.

سيد قائم علي شاهه چيو ته آئين تي ظلم بند ڪيو وڃي ۽ تير ان وقت استعمال ٿيندو آهي، جڏهن آئين تي وار ڪيو ويندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*