ق ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي افشان عمران ايم ڪيو ايم ۾ شامل

AFSHAH

ق ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي افشان عمران ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر چيو آهي ته دبئي مان ايندڙن کي ڌڪو ڪنهن ڏنو اهي پڌرا ٿي ويا آهن.

نائن زيرو تي ق ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي افشان عمران ۽ سندس ساٿين ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

وسيم اختر چيو ته سندس پارٽي ۽ قيادت تي الزام لڳايا ويا ۽ ڪجهه ماڻهن جي پارٽي مان نڪري وڃڻ سان ڪو فرق نه پوندو.

وسيم اختر چيو ته اڄ افشان عمران سميت 100 ماڻهو ايم ڪيو ايم شامل ٿيا آهن ۽ مفاد پرست ٽولي خلاف سندن جدو جهد جاري رهندي.

ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيل افشان عمران چيو ته ايم ڪيو ايم مان فائدو حاصل ڪرڻ وقت انهن الزام نه لڳايا ۽ هاڻي اهي متحده تي “را “ سان لاڳاپن جا الزام مڙي رهيا آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*