پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پاناما ليڪس واري معاملي تي بحث دوران وزيراعظم نواز شريف جي پـُٽ حسين نواز جو نالو کڻڻ تي نواز ليگ ميمبرز پاران احتجاج بعد گوڙ

islamabad-national-assembly

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پاناما ليڪس واري معاملي تي بحث دوران وزيراعظم نواز شريف جي پـُٽ حسين نواز جو نالو کڻڻ تي نواز ليگ ميمبرز پاران احتجاج بعد گوڙ ڪيو ويو، پ پ سينيٽر اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس پٽ حسين نواز جي بيانن ۾ تضاد آهي، شريف ڪٽنب جون ڪمپنيون شروع کان ئي ترقي ڪري رهيون آهن، آخر شريف فيملي وٽ اهڙو ڇا آهي جو جنهن شيءِ کي هٿ لڳائين اها سون ٿي وڃي ٿي.

اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن پاران سموري ايجنڊا معطل ڪري پاناما ليڪس تي بحث جو مطالبو ڪيو ويو.

اپوزيشن جي مطالبي بعد اسپيڪر اياز صادق کين پاناما ليڪس واري معاملي تي بحث جي اجازت ڏني.

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر سينيٽر اعتزاز احسن بحث جي شروعات ڪندي چيو ته پاناما ليڪس جي دستاويزن ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي ڪٽنب تي ٽيڪس چوري جا الزام هنيا ويا آهن ۽ شريف ڪٽنب جا ميمبر آف شور ڪمپنيون هئڻ جو اعتراف ڪري چڪا آهن.

هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف چيو ته ٽيڪس چور ڪڏهن به پنهنجي نالي تي اثاثا ناهي ٺاهيندو، وزيراعظم بلڪل صحيح چئي رهيو آهي، حسين نواز پهريان پنهنجي ملڪيت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو هو پر پاناما ليڪس جي دستاويزن ۾ نالو اچڻ بعد وزيراعظم جي پٽ ملڪيت تسليم ڪئي.

هـُن چيو ته پاناما ليڪس ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ دستاويز مليا آهن، جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف جي ڪٽنب جو نالو اچڻ اسان جي لاءِ شرمندگي آهي.

سينيٽر اعتزاز احسن، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ماضي ۾ هڪ جج اختيارن جو استعمال ڪندي پنهنجي پٽ کي بچايو، هاڻي هڪ وزيراعظم جي پٽ جو معاملو آهي.

پ پ سينيٽر جو چوڻ هو ته لنڊن جي علائقي پارڪ لين جو شمار دنيا جي مهانگن علائقن ۾ ٿيندو آهي، نواز ليگ جي اڳواڻ صديق الفاروق ٻڌايو ته ميان صاحب 1996 ۾ پارڪ لين ۾ رهندو هو، جڏهن ته نواز شريف 90 ڏاري ڏهاڪي ۾ چوڌري شوگر مل جي نالي تي بينڪ مان 20 ملين ڊالرز جو قرض ورتو.

اعتزاز احسن چيو ته شريف فيلمي جون ڪمپنيون شروع کان ئي ترقي ڪري رهيون آهن، شريف فيملي وٽ آخرڪار اهڙو ڇا آهي، جو جنهن شيءِ کي هٿ لڳائين، اهو سون ٿي وڃي ٿو.

ايوان ۾ اعتزاز احسن پاران تقريرن ۾ بار بار حسين نواز جو نالو کڻڻ تي نواز ليگ جي ميمبرز احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو.

اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته کيس خبر آهي ته نواز ليگ جي ميمبرن کي ڇو تڪليف ٿي رهي آهي، احتجاج ڪندڙ ٻڌائين ته اهي صبح کان خاموش ڇو ويٺل هئا………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*