گڏيل پارليامينٽ، قومي ايئرلائين پي آءِ اي کي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

PIA11-9

گڏيل پارليامينٽ، قومي ايئرلائين پي آءِ اي کي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني  ۾ تبديل ڪرڻ واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي پاران اعتماد ۾ نه وٺڻ تي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو.

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ پاناما ليڪس سميت ٻين معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير احمد حامد پي آءِ اي کي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني بڻائڻ وارو بل پيش ڪيو، جنهن جي عوامي نيشنل پارٽي کانسواءِ ٻي اپوزيشن پارٽين پاران مخالفت نه ڪئي وئي.

اپوزيشن جي اڪثريت پاران حمايت ڪرڻ بعد اسپيڪر پي آءِ اي کي لميٽيڊ ڪمپني بڻائڻ بابت بل جي منظوري ڏني.

عوامي نيشنل پارٽي جي ميمبرز پاران بل جي منظوري وقت ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو.

سينيٽر الياس بلور جو چوڻ هو ته کين پي آءِ اي جي نجڪاري واري بل تي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.

گڏيل پارليامينٽ پاران اميگريشن ترميم بل 2016 ۽ سول سرونٽس ترميمي بل 2016 جي به منظوري ڏني وئي.

بل جي منظوري کان اڳ اسپيڪر اياز صادق جي چيمبر ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پاران پي آءِ اي ملازمن خلاف داخل ڪيسز واپس وٺڻ جي خاطري ڪرائي وئي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*