تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين انٽرا پارٽي چونڊن کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو

jhangir

تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين انٽرا پارٽي چونڊن کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جهانگير ترين چيو آهي ته سموريون ٻيڙيون ساڙي عمران خان جي قافلي ۾ شامل ٿيو هيس، پارٽي ۾ ڌڙا بندي کي برداشت نٿو ڪري سگهان.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ جهانگير ترين چيو ته هـُو تحريڪ انصاف جي انٽراپارٽي چونڊن ۾ حصو نه وٺندو، پنهنجي فيصلي کان عمران خان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

هـُن چيو ته سموريون سياسي ٻيڙيون ساڙي عمران خان جي نظرئي جي خاطر تحريڪ انصاف جي قافلي ۾ شامل ٿيو هيس.

جهانگير ترين چيو ته ڪڏهن به پارٽي قيادت کان عهدو ناهي گهريو ۽ نه ئي اڳتي گهرندس، پي ٽي آءِ کي ڌڙا بندي جو شڪار ٿيندي نٿو ڏسي سگهان.

پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان شريف خاندان سان فيصلائتي مقابلي جو پڪو پهه ڪيو آهي، ضروري آهي ته اهڙي وقت ۾ پي ٽي آءِ مان ڌاڙا بندي ختم ڪئي وڃي.

جهانگير ترين وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي متحده رکڻ لاءِ انٽرا پارٽي چونڊن کان لاتعلقي جوا علان ڪيان ٿو، عام ڪارڪن جيان پارٽي جي خدمت ۽ اتحاد لاءِ ڪوششون جاري رکندس.

جهانگير ترين چيو ته پنهنجيون سموريون توانايون ۽ وسيلا شريف خاندان کي بي نقاب ڪرڻ ۾ لڳائيندس ۽ پارٽي کي به اپيل ڪيان ٿو ته پي ٽي آءِ کي متحده رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*