اسلام آباد جي پمز اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل 22 ورهين جي معذور ناري سان ڏاڍائي

islamabad-pims-hospital

اسلام آباد جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، پمز اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل 22 ورهين جي معذور ناري سان ڏاڍائي ڪئي وئي آهي ۽  واقعي ۾ ملوث ميل نرس کي معطل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

پمز اسپتال جي آءِ سي يـُو ۾ داخل 22 ورهين معذور ناري سان ڏاڍائي جو واقعو پيش آيو آهي.

 پمز اسپتال جي ترجمان ناري سان ڏاڍائي جي تصديق ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث ميل نرس ڪرشن ڪمار کي معطل ڪيو ويو آهي.

پمز اسپتال جي ترجمان موجب ناري جو واسطو سوات سان آهي، جنهن جي پيءُ پاران ايڊمنسٽريٽر کي درخواست ڏيڻ بعد واقعي جي تصديق ٿي.

وزارت ڪيڊ معاملي جو نوٽيس وٺندي واقعي ۾ ملوث ميل نرس خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*