خيرپور ويجهو ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

khirpur

خيرپور ويجهو ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا،۽ سيوهڻ ويجهو مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ عورت، ٻارڙن سميت 15ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مٽياري ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

خيرپور ويجهو ٺيڙهي باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر ڪراچي کان سکر  ويندڙ ڪار کي ٽڪر هنيو، جنهن جي 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا آهن.

فوتين ۾ سکر واسي ڊاڪٽر رياض ڏهر، امير بخش ۽ زيرق ڏهر شامل آهن، جن جا لاش خيرپور جي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

  سيوهڻ ويجهو ڪوٽڙي کان ميهڙ ويندڙ مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ لڪي شاهه صدر وٽ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب نوجوان ذيشان ڳورڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

 حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي  سيوهڻ جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مٽياري ڀرسان قومي شاهراهه وٽ ڪراچي کان قاضي احمد ويندڙ ڪار تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾   5 سالن جو نثار، 35 سالن جو ذوالفقار ۽ 50 ورهين جو حاجي احمد ڪيريو شامل آهن، جن کي  نازڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*