سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي سنڌ اندر ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ واري ڪيس ۾ريمارڪس ڏيندي چيو, پاناما معاملي تي جاچ عدالت جو نه پر حڪومت جو ڪم آهي پر عدالت مٿان ڪميشن جوڙڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ملڪ ۾ ڪيترن ئي سالن کان آدشماري ناهي ٿي سگهي،

Supreme-Court-Islamabad-

سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي سنڌ اندر ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ واري ڪيس ۾ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پاناما معاملي تي جاچ عدالت جو نه پر حڪومت جو ڪم آهي پر عدالت مٿان ڪميشن جوڙڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ملڪ  ۾ ڪيترن ئي سالن کان آدشماري ناهي ٿي سگهي، 2 پارٽيون حڪومت ڪنديون آهن پر ٻنهي کان غلطيون ٿيون آهن.
چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٻين مخصوص سيٽن تي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻيءَ دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي پاران ڪيل قانونسازي تي عمل نه ڪري رهي آهي.
بابر اعواڻ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ شوف آف هينڊ ذريعي چونڊ ڪرائڻ وارو قانون پهريان پاس ٿي چڪو هو، مڪاني چونڊن بابت شيڊول بعد ۾ جاري ٿيو هو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن شو آف هينڊ جي ذريعي مڪاني نمائندن جون چونڊون ڪرائڻيون ضروري آهن ته پوءِ عام چونڊن لاءِ اهڙو قانون ڇو نه آهي؟.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ آدمشماري جي ضرورت آهي، نئين آدشماري تائين تڪبنديون صحيح نه آهن، جيڪڏهن عدالت چوي ته شفاف چونڊن لاءِ آدمشماري ضروري آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو.
چيف جسٽس ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته 1998 کان ملڪ ۾ آدمشماري ناهي ٿي سگهي، 2008 ۾ آدمشماري ٿيڻي هئي پر اڃا تائين ناهي ڪرائي وئي، ملڪ ۾ 2 پارٽيون ئي حڪومت ڪنديون آهن پر ٻنهي کان غلطي ٿي آهي.
چيف جسٽس پاناما معاملي ڏانهن اشارو ڏيندي چيو ته هر معاملي تي عدليه مٿان تنقيد ڪئي ويندي آهي ۽ چيو ويندو آهي ته عدالت پاڻمرادو نوٽيس نٿي وٺي.
چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ۾ چيو ته چيو وڃي ٿو ته فلاڻي معاملي تي ڪميشن جوڙي وڃي، پاناما معاملي جي جاچ عدالت نه پر حڪومت جو ڪم آهي، پر عدالت مٿان ڪميشن جوڙڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ چونڊ سڌارن جي ضرورت آهي، اليڪشن ڪميشن ان کي ڏسي ئي نٿي ته قانونسازي صحيح ٿي آهي يا نه.
اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم رڳو چونڊون ڪرائڻ آهي، قانونسازي جو ڪم اسيمبلين جو آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ سسٽم ئي خراب لڳو پيو آهي، انڌو منڊو سسٽم آهي پر ان کي هلڻ ڏنو وڃي.
عدالت، ريمارڪس ڏنا ته هن معاملي ۾ نوان قانوني مونجهارا اچي ويا آهن، تنهن ڪري ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي معاملي تي گڏ ويهي ڳالهيون ڪن.
سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کان لکت ۾ راءِ طلب ڪندي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*