وزير اعظم نواز شريف آصف زرداري کان مدد وٺڻ لاءِ لنڊن وڃي رهيو آهي،پيپلز پارٽي جَي سينيٽر اعتزاز احسن دعويٰ

atizaz-ahsan-12-4-16

پيپلز پارٽي جَي سينيٽر اعتزاز احسن دعويٰ ڪندي چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف آصف زرداري کان مدد وٺڻ لاءِ لنڊن وڃي رهيو آهي، پر جيڪڏهن پ پ قيادت ن ليگ  جي مدد ڪئي ته اها پاڻ دٻڻ ۾ ڦاسي پوندي، مي فيئر فليٽس کي وزيراعظم جي ملڪيت تسليم ڪرڻ تي هو اپوزيشن پاران چوڌري نثار جو ٿورائتو آهي.
اسلام آباد  ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ اعتزاز احسن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاناما ليڪس واري معاملي تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزازا حسن دعويٰ ڪندي چيو ته وزير اعظم نواز شريف آصف زرداري کان مدد وٺڻ لاءِ لنڊن وڃي رهيو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن پ پ قيادت ن ليگ  جي مدد ڪئي ته اها پاڻ دٻڻ ۾ ڦاسي پوندي، نواز ليگ ۾ جانشين واري معاملي تي جهيڙو هلندڙ آهي، شهباز شريف ٻڌائي ته هو پاناما ليڪس معاملي تي ڇو خاموش آهي؟.
ٻئي پاسي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس معاملي تي پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي، وڌيڪ حڪمت عملي جوڙڻ بابت پي ٽي آءِ جي موقف بعد فيصلو ڪيو ويندو.
اعتزاز احسن چيو ته نوازليگ ۾ جانشيني تي جهيڙو آهي، مي فيئر فليٽس کي وزيراعظم جي ملڪيت تسليم ڪرڻ تي هو اپوزيشن پاران چوڌري نثار جو ٿورائتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*