ڀارت ۾ جاري انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي ٽيئن ميچ ۾ گجرات لائنز جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ڪنگز اليون پنجاب جي ٽيم کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Ipl-Gujrat-Punjab-12-4-16

ڀارت ۾ جاري انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي ٽيئن ميچ ۾ گجرات لائنز جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ڪنگز اليون پنجاب جي ٽيم کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

موهالي ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ گجرات لائنز جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪنگز اليون پنجاب جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 6وڪيٽن جي نقصان تي 161رنز اسڪورڪيون.

ڪنگز اليون جي ٽيم پاران مرلي وجه 42،منان وهرا 38،اسٽوئينز 33۽ وريڌمن ساحا 20رنز اسڪور ڪيون.

گجرات لائنز پاران ڊي جي براوو 22 رنز عيوض 4،جڏهن ته رويندره جديجه 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

گجرات لائنز جي ٽيم ڪنگز اليون پنجاب جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 162رنز جو ٽارگيٽ 17 ڏهائي 4 اوورس ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ آرون فنچ 74۽مرلي ڪارتڪ 41رنز اسڪور ڪري اهم ڪردار ادا ڪيو.

آرون فنچ کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*