پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي ڪاميابي بعد پاڪستان ڪپ جي نالي سان ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو

PCB-12-4-16

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي ڪاميابي بعد پاڪستان ڪپ جي نالي سان ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستان ڪپ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ فيصل آباد ۾ 19 اپريل کان شروع ٿيندي،جنهن ۾ سنڌ،پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ گادي واري شهر جي ٽيمون شامل آهن.

پي سي بي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويوآهي ته سنڌجي قيادت قومي ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد ڪندو،جڏهن ته ڪوچنگ عملي ۾ توصيف احمد ۽ اقبال امام شامل آهن.

بلوچستان جي ٽيم جي قيادت اظهر علي ڪندو،جڏهن اعجاز احمد ۽ تيمور اعظم ڪوچنگ جون زميواريون نڀائيندا.

پنجاب جي ٽِيم جي قيادت شعيب ملڪ ڪندو، جڏهن ته ڪوچنگ جون زميواريون محتشم رشيد ۽ عتيق الزمان حُوالي ڪيو ويون آهن.

خيبرپختونخوا جي ٽيم جو ڪپتان يونس خان هوندو، جڏهن ته ٽيم جي ڪوچنگ عبدالرحمان ۽ڪبير خان ڪندا.

اسلام آباد جي ٽيم جي ڪپتاني مصباح الحق حوالي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪوچنگ اسٽاف ۾ منصور راڻا ۽صبيح اظهر شامل آهي.

پي سي بي رانديگرن جي حُوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ رانديگر جو معاوضو سو سيڪڙو وڌائي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*