پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسٽار ليگ اسپنر ياسر شاهه کي چاور ۽ ماني کائڻ تي پاپندي مڙهي چڏي

yasir-Shah-12-4-16

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسٽار ليگ اسپنر ياسر شاهه کي چاور ۽ ماني کائڻ تي پاپندي مڙهي چڏي آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ شرڪت ڪرڻي آهي،جنهن لاءِ قذافي اسٽيڊيم ۾ پي سي بي پاران اسپنرز جي تربيتي ڪيمپ جاري آهي.

تربيتي ڪيمپ ۾ مشتاق احمد اسپنرز جي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِکين سکيا ڏئي رهيو آهي.

ٽريننگ ڪيمپ ۾ ياسر شاهه سان گڏ ظفر گوهر، ارسل شيخ، محمد اصغر، ڪرامت علي، عماد وسيم، محمد نواز بلال آصف، شاداب خان، فياض ۽احمد شفيق شامل آهن.

ڪيمپ ۾ اسپنرز جي لائن لينٿ سان گڏ فٽنس تي گهڻو ڌيان ڏنو پيو وڃي.

مشتاق احمد جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ جي بالنگ تي پاپندي آهي،جڏهن ته سعيد اجمل جون خدمتون به ٽيم کي حاصل نه آهن،جنهن سبب اسپنرز تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

واضح رهي ته ياسر شاهه 3 مهينا پاپندي بعد ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪئي آهي ۽ کيس فٽنس تي ڌيان ڏيڻ جو چيو ويو آهي،جنهن سبب ياسر شاهه کي چاور کائڻ کان منع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*