پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ مان نئون ٽئلنٽ سامهون ايندو

shahryarkhan_PCB

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ مان نئون ٽئلنٽ سامهون ايندو.

لاهور جي قذافي اسٽِيڊيم ۾ پاڪستان ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي رانديگرن جي ڊرافٽنگ شروع ٿي وئي آهي.

تقريب کي دوران خطاب ڪندي پي سي بي چيئرمين شهريارخان چيو ته پاڪستان ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ سان ملڪ ۾ نئون ٽئلنٽ سامهون ايندو.

شهريارخان جو وڌيڪ چوڻ هوته پاڪستان ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ هڪ شاندار ايونٽ ثابت ٿيندو.

هن چيو پي ايس ايل ڪامياب ايونٽ ثابت ٿيو،جنهن مان پي سي بي کي مالي فائدو پهتو.

تقريب ۾ٽيمن جي ڪپتانن سان گڏ ڪوچنگ اسٽاف ۽ عهديدارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنهن دوران شهريارخان ڪپتانن کي ٽيم شرٽس ڏنيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*