نيب سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي

Nab-12-4-16

نيب سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، پيٽرول جي مد ۾ 5 ڪروڙ جي جعلي بلز ۽ 2013ع دوران 383 جعلي ڀرتين جا ثبوت هٿ ڪري ورتا، رپورٽ سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نيب اختيارين سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي.
نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي مد ۾ 5 ڪروڙ رپيا خرد برد ڪيا ويا ۽ 2013ع دوران پوليس ۾ 383 جعلي ڀرتيون ڪيون ويون.
نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ پوليس ۾ ڀرتين جي حوالي سان قانون جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون ويون، جنهن بابت اي جي سنڌ ۽ لاڳاپيل ٿاڻن مان ثبوت به هٿ ڪيا ويا آهن.
نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ۾ جعلي ڀرتيون اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جي حڪم تي ڪيون ويون، رپورٽ سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*