متحده تي اڻ اعلانيل پابندي لڳائي وئي آهي،ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار

dr-farooq-satar

ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته متحده تي اڻ اعلانيل پابندي لڳائي وئي آهي، ڪجهه ماڻهو اسڪرپٽ هٿ ۾ کڻي اسان جي سربراهه تي ڪوڙا الزام لڳائي رهيا آهن، جنهن کي به عهدو ڏيون ٿا ته اهو گرفتار ٿي وڃي ٿو، هڪ مهيني اندر 100 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته مارڇ مهيني کان ايم ڪيو ايم تي اڻ اعلانيل پابندي لڳائي وئي آهي.
هن چيو ته مارچ مهيني کان ڪراچي جي شهرين کي هڪ متبادل پليٽ فارم ڏنو پيووڃي، جنهن جو مقصد مائينس ون فارمولو آهي.
فاروق ستار چيو ته ڪراچي ۾ سندن اڳواڻن ۽ ڪارڪن خلاف بنا جواز وٺ پڪڙ  شروع ڪئي وئي آهي، نيئر رضا کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو، رڳو هڪ مهيني اندر 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو اسڪرپٽ هٿ ۾ کڻي ايم ڪيو ايم سربراهه تي بي بنياد الزام لڳائي رهيا آهن پر وقت ثابت ڪندو ته ڪير ڪهڙي لالچ ۾ وفاداري مٽائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*