نواز سرڪار جا مخالف ذاتي ايجنڊا لاءِ وڳوڙ واري سياست کي هٿي ڏئي رهيا آهن،وفاقي وزير احسن اقبال

Ahsan-Iqbal

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نواز سرڪار جا مخالف ذاتي ايجنڊا لاءِ وڳوڙ واري سياست کي هٿي ڏئي رهيا آهن، نواز شريف نه عمران خان آڏو جوابده آهي ۽ نه ئي سندس چوڻ آهي استعيفيٰ ڏيندو.
لاهور ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف به شريف خاندان جي سخت اسڪروٽني ڪئي پر کيس ڪجهه به نه مليو.
وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم نوازشريف عمران خان آڏو جوابده نه آهي ۽ نه ئي سندس چوڻ تي استعيفيٰ ڏيندو.
احسن اقبال وڌيڪ چيو ته عمران خان جو 90 سيڪڙو وقت نوازشريف جي مخالفت ۾ گذري ٿو، عمران خان خيبرپختونخوا وڃي ڌرڻو هڻي.
وفاقي وزير چيو ته سندن مخالف ذاتي ايجنڊا لاءِ ملڪ ۾ وڳوڙ واري سياست کي هٿي وٺرائي رهيا آهن، سياسي بحران ۽ غير يقيني واري صورتحال ۾ سيڙپڪار ڀڄي ويندا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*