انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري مملڪلتي وزير انوشا رحمان سائبر ڪرائيم بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو

Anusha-Rehman-13-4-16

انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري مملڪلتي وزير انوشا رحمان سائبر ڪرائيم بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، اپوزيشن بل ۾ ترميمون رد ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪيو، بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي چڙ ڏياريندڙ تقرير تي معاونٽ ڪندڙ 5سال قيد جي سزا ڀوڳي سگهي ٿو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.
ايوان ۾ مملڪتي وزير انوشا رحمان سائبر ڪرائيم بل پيش ڪيو، جنهن ۾ اپوزيشن ڪجهه ترميمن جي تجويز ڏني.
ڊپٽي اسپيڪر پاران بل ۾ ترميمون شامل نه ڪرڻ اپوزيشن احتجاج ڪيو، جنهن دوران سرڪاري ۽ اپوزيشن مميبرز ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.
سائيبر ڪرائم بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻ واري نظام يا ڊيٽا تائين رسائي ڏيڻ تي ٽي مهينا قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
بل موجب، ڊيٽا کي بغير اجازت نقل يا موڪلڻ تي 6مهينا قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي، جڏهن ته سائبر دهشتگردي تي 14 سال جي سزا،  يا 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري سگهبو.
ايوان ۾ وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته امڪاني ٻوڏ کان بچڻ لاءِ صوبن سان مشاورت بعد جامع پلان تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو 2025 تائين لاڳو رهندو.
هن چيو ته امڪاني ٻوڏ کان بچڻ بابت تيار ڪيل پلان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، اميد آهي ته سي سي آءِ پلان جي منظوري ڏيندي.
ايوان ۾ موسمياتي تبديلي واري وزير انڪشاف ڪيو ته موسم جي تبديلين سبب گرمي پد ۾ اضافو ٿيڻ سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته انساني زندگي کي به خطرا لاڳو ٿي سگهن ٿا.
موسمياتي تبديلي واري وزير چيو ته انڊس ڊيلٽا  ۾ گدلاڻ وارو پاڻي شامل ٿيڻ سان زراعت ۽ مڇي جي واڌ ويجهه وارو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿيو آهي.
هن چيو ته سمنڊ جي اڳتي وڌڻ سبب ساحلي پٽي وارن علائقن ۾ مان لڏ پلاڻ واري عمل ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
پيپلز پارٽي پنجاب جي راڄڌاني ۾ تڪراري عدالتي نظام خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته تڪراري عدالتي نظام پاڪستان جي آئين جي سنگين ڀڃڪڙي آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*