سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پرو وائيس چانسلر جي مقرري خلاف سوٽا جي سڏ تي استادن تدريسي عمل هو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

Jamshoro-Protest-13-4-16

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پرو وائيس چانسلر جي مقرري خلاف سوٽا جي سڏ تي استادن تدريسي عمل هو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.
سنڌ يونيورسٽي ۾ اڳوڻي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر امداد اسماعيلي کي علامه آءِ آءِ قاضي مين ڪئمپس جو  پرو وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ خلاف استادن احتجاجي
ان موقعي تي سوٽا اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانا ملاح ۽ ٻين  جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر امداد اسماعيلي جي مقرري وارو فيصلو  قبول نه آهي.
هنن چيو ته گورنرهائوس جي سڌي ريت مداخلت يونيورسٽي جي خودمختياري کي متاثر ڪري رهي آهي، وائيس چانسلر جي سفارش کان بغير اهڙي مقرري جي سخت مخالت ڪئي ويندي.
اڳواڻن چيو ته يونيورسٽي جي 2013 ع واري تڪراري ايڪٽ  جي  بنياد تي يونيورسٽين اندر ٿيندڙ سڌي اپائنٽمينٽ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته امداد اسماعيلي جي مقرري جو آرڊر واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ تدرسي عمل جي بائيڪاٽ ۽ احتجاج جاري رکيو ويندو.
سنڌ يونيورسٽي جي نئين مقرر ٿيل پي وي سي ڊاڪٽر امداد اسماعيلي دعويٰ ڪندي ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سوٽا جو هڪ گروپ سندس خلاف بلاجواز احتجاج ڪري رهيو آهي………………..

Comments

  1. Raheel Ahmed
    Raheel Ahmed 13 April, 2016, 23:06

    SUTA community protests again new vice-chancellor Prof. Dr. Imdad Ismaili.
    If teachers are protesting for their own purpose so why can not students.

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*