چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ پوليس کاتي ۾ ڀرتين ۽ گاڏين جي خريداري کي هر صورت ۾ شفاف بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو

Siddiq-Memon-13-4-16

چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ پوليس کاتي ۾ ڀرتين ۽ گاڏين جي خريداري کي هر صورت ۾ شفاف بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڳجهين ڪئميرائن کي فعال بڻائي مانيٽرنگ سسٽم ٺاهيو وڃي.
چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ جي صدارت هيٺ پوليس کاتي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، اَي جي سنڌ ۽ قانون واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران پوليس ۾ ڀرتين، گاڏين جي خريداري ۽ ناڻي واري وزارت سان لاڳاپيل مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو.
چيف سيڪريٽري اجلاس دوران صوبي اندر خاص طور ڪراچي ۾ ڳجهين ڪئميرائن کي فعال بڻائڻ ۽ رابطن جي بهتري لاءِ مانيٽرنگ سسٽم ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.
چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ چيو ته پوليس کاتي ۾ ڀرتين ۽ گاڏين جي خريداري واري عمل کي شفاف بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*