جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وزير اعظم ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٽياڪڙي وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو

Mulana-fazul-rehman

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وزير اعظم ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٽياڪڙي وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته هن وزيراعظم ۽ آصف زرداري وچ ۾ ملاقات  لاءِ ڪوشش ناهي ڪئي، ٽياڪڙي وارين ڳالهين ۾ صداقت ناهي.
اسلام آبا د ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي رائيونڊ ۾ ڌرڻي واري اعلان تي ماڻهو کـِــلي رهيا آهن، ڇا پاناما ليڪس کان اڳ رائيونڊ محل نه هو؟.
هن چيو ته تحريڪ انصاف ڌڙابندي جو شڪار ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي پاناما ليڪس جي ڦـــُـــوڪڻي مان به هوا نڪري وئي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته هن وزير اعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ناهي ڪئي نه ئي هن ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات لاءِ ڪوشش ڪئي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*