شريف خاندان ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف نه آهن ۽ سڀ متحده آهن، وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز

Maryyam-Nawaz-tweet-13-4-16

وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته شريف خاندان ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف نه آهن ۽ سڀ متحده آهن، سازشون ڪندڙ پاڻ پريشان آهن.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته وزيراعظم نوازشريف لنڊن روانگي کان اڳ پنهنجي امڙ کان دعا ڪرائي ۽ سندس هٿ به چميا.
هـُن چيو ته شريف خاندان ۾ اختلافن واريون خبرون بي بنياد آهن، هـُو سڀ متحده آهن ۽ سازشون ڪندڙن وانگر پريشان نه آهن.
مريم نواز شريف پاران ٽوئيٽر تي وزيراعظم نواز شريف جي سندس امڙ جا هٿ چمڻ واري تصوير به جاري ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو هو ته ن ليگ ۾ جانشيني تان جهيڙو هلي رهيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*