پاناما ليڪس واري معاملي سان جمهوري نظام کي ڪوبه خطرو ناهي ۽ نه ئي ان کي ڪمزور ٿيڻ ڏنو ويندو،وڏي وزير قائم علي شاهه

qaim-ali-shah05-9

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته پاناما ليڪس واري معاملي سان جمهوري نظام کي ڪوبه خطرو ناهي ۽ نه ئي ان کي ڪمزور ٿيڻ ڏنو ويندو، شفاف نموني سان پاناما ليڪس جي دستاويزن تي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪي ٽي بندر کي اقتصادي راهداري منصوبي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ٺٽَي جي شهر ڳاڙهي ڀرسان ڳوٺ يوسف فيروزاڻي ۾ ايران جي سهڪار سان تعمير ڪرايل 30 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي افتتاحي تقريب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاناما ليڪس واري معاملي جي شفاف نموني سان جاچ ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته موجوده جمهوري نظام کي ڪوبه خطرو نه آهي ۽ نه ئي جمهوري نظام کي ڪمزور ٿيڻ ڏنو ويندو.
وڏي وزير چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي ٿر جي دوري تي اچڻو هيو پر ڪجهه سببن جي ڪري نه اچي سگهيو، ٿر جي ڪوئلي مان بجلي سستي پوندي.
سيد قائم علي شاهه چيو ته اپيڪس ڪميٽي جو پاناما ليڪس واري معاملي سان ڪوبه تعلق نه آهي، جنهن جا پنهنجا اصول ۽ مقصد آهن.
هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪي ٽي بندر رٿا کي پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، جنهن سان علائقي اندر خوشحالي ايندي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، گذريل 6 سالن دوران صوبي اندر 10 يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن.
تقريب ۾ وڏي وزير قائم علي شاهه سان گڏ ايراني قونصل جنرل مهدي سبحاني پڻ گڏ هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*