سنڌ هاءِ ڪورٽ کانپوءِ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت به دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ قادر پٽيل جي 7 ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي

Qadir-patel-13-4-16

سنڌ هاءِ ڪورٽ کانپوءِ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت به دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ قادر پٽيل جي 7 ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، قادر پٽيل چيو آهي ته عزير بلوچ جو پ پ سان اتحاد هو، خبر ناهي ته وڏو وزير ۽ ٻيا اڳواڻ عزير سان لاڳاپن کان ڇو انڪاري آهن.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت قادر پٽيل جي دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾7 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ قادر پٽيل جي ساڳي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي.
اي ٽي سي جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قادر پٽيل چيو ته عزير بلوچ جو پ پ سان اتحاد هو، خبر ناهي ته وڏو وزير ۽ ٻيا اڳواڻ عزير سان لاڳاپن کان ڇو انڪاري آهن.
قادر پٽيل چيو ته هو واحد ماڻهو آهي جيڪو عزير بلوچ سان لاڳاپن جو اعتراف ڪري ٿو.
قادر پٽيل چيو ته هن ڪڏهن به ڊاڪٽر عاصم کي دهشتگردن جو علاج ڪرڻ لاءِ فون نه ڪيو هو.
دبئي کان ڪراچي پهتل قادر پٽيل مٿس لڳل الزامن جي حوالي سان سڀاڻي سنڌ رينجرز وٽ پيش ٿيندو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*