ڪراچي جي نجي يونيورسٽي ۾ شاگرد باسط پاران مبينا طور پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ واري معاملي جي ڊي آءِ جي اولهه جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي

Khi-Student-12-4-16

ڪراچي جي نجي يونيورسٽي ۾ شاگرد    باسط  پاران مبينا طور پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ واري معاملي جي ڊي آءِ جي اولهه جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.
ڊي آءِ جي اولهه فيروز شاهه جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته باسط ليٽ اچڻ تي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت لاءِ پرنسپال   ۽ وائيس پرنسپل وٽ ويو هو، جن جي انڪار تي هو ٻيهر امتحاني مرڪز پهتو.
ڊي آءِ جي فيروز شاهه موجب شاگرد باسط امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه ملڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي موٽرسائيڪل مان پئٽرول ڪڍيو، جيڪو پيئڻ بعد پاڻ کي باهه ڏني.
هن چيو ته باهه ڏيڻ بعد باسط جو 86 سيڪڙو جسم سڙي ويو ۽ واقعي واري هنڌ تان باسط کي پهريل ڪپڙن جا ٽڪرا اڃا تائين پيل آهن.
ڊي آءِ جي جي رپورٽ موجب باسط کي باهه وڪوڙڻ بعد يونيورسٽي جي پٽيوالي باهه وسائڻ ۽ سندس ڪپڙا ڦاڙڻ جي ڪوشش به ڪئي.
باسط جي وارثن گذريل ڏينهن چيو هو ته سندن نوجوان آپگهات ناهي ڪيو پر کيس يونيورسٽي انتظاميا ڪمري ۾ بند ڪري باهه ڏئي ساڙيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*