بلوچستان مان گرفتار ڪيل را ايجنٽ ڪلڀوشن ياديوو 2013 ۾ ٽي ڀيرا پاڪستان اچي چڪو هو،بچاءَ واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ رٽائرڊ عالم خٽڪ

Alam-Khan-Khattak-14-3-16

بچاءَ واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ رٽائرڊ عالم خٽڪ چيو آهي ته بلوچستان مان گرفتار ڪيل را ايجنٽ ڪلڀوشن ياديوو 2013 ۾ ٽي ڀيرا پاڪستان اچي چڪو هو، افغانستان ۾ ڀارت جا ٽي قونصليٽ را جي سيل طور ڪم ڪندا آهن ۽ اهي ڪراچي ۽ بلوچستان لاءِ ايجنٽس کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڏيندا آهن.
اسلام آباد ۾ چيئرمين مشاهد حسين سيد جي صدارت هيٺ سينيٽ جي دفاع بابت ڪميٽي جو ان ڪئمرا اجلاس ٿيو.
اجلاس کي بريفنگ ڏيندي دفاع واري سيڪريٽري چيو ته ڀارت  جا افغانستان ۾ ست قونصليٽ آهن، جن مان مزار شريف، ڪنڌار ۽ جلال آباد قونصليٽ را جي سيل طور ڪم ڪندا آهن ۽ اهي مخالف سرگرمين لاءِ متحرڪ آهن.
ڪميٽي کي آگاهي ڏني وئي ته ڀارتي قونصليٽ، فاٽا، بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ تخريبي سرگرمين لاءِ را جي ايجنٽس کي هٿيار، مالي معاونت ۽ تربيت ڏيڻ سان گڏ ٻي مدد ڪندا آهن.
دفاعي عملدارن ٻڌايو ته افغانستان جو ڳجهو ادارو اين ڊي ايس ۽ را” گڏيل طور تي پاڪستان خلاف آپريشن ڪري رهيا آهن،جڏهن ته اين ڊي ايس جي هيڊ ڪواٽر ۾ را” جو خصوصي سيل به قائم ڪيو ويو آهي.
ڪميٽي کي آگاهي ڏني وئي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي خلاف ڀارتي ڳجهي را” افغانستان جي ڳجهي اداري جي هيڊ ڪواٽر ۾ سيل قائم ڪيو  آهي، جيڪو افغانستان ذريعي پاڪستان ۾ متحرڪ آهي.
دفاعي عملدارن انڪشاف ڪيو ته بلوچستان مان گرفتار ڪيل ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديوو 2003ع ۾ بهار واري علائقي ۾ ترسيل هو، جيڪو 3 ڀيرا پاڪستان جا ڳجهي نموني دورا به ڪري چڪو آهي.
دفاعي عملدارن چيو ته ڪلڀوشن ياديوو کي 3 مارچ 2016ع تي گرفتار ڪيو ويو.
دفاعي بجيٽ بابت ڪميٽي کي آگاهي ڏيندي عملدارن چيو ته پاڪستان جي دفاعي بجيٽ 7سئو 88 ارب هئي، جن مان فوج 41 سيڪڙو، ايئرفورس 33 ۽ نيوي35 سيڪڙو خرچ ڪئي.
دفاعي عملدارن موجب، نائن اليون کانپوءِ اتحادي سپورٽ فنڊ جي مد ۾ پاڪستان کي  13 ارب ڊالر ڏنا ويا، اتحادي سپورٽ فنڊ 30 نومبر 2016 تي ختم ٿي ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*