پنجاب جي علائقي راجنپور ۾ ڇوٽو گينگ خلاف آپريشن جاري

punjab-Police-Kache-Opr-14-4-16

پنجاب جي علائقي راجنپور ۾ ڇوٽو گينگ خلاف آپريشن جاري آهي، يرغمال بڻايل 27 اهلڪارن مان ايس ايڇ او سميت ٻن ڄڻن جي شهادت کانپوءِ آپريشن وڌيڪ تيز ڪندي هوائي ڪارروائي لاءِ آرمي جا هيليڪاپٽرز گهرايا ويا آهن.
راجنپور ۾ ڇوٽو گينگ جي هٿياربندن يرغمال بڻايل 27 اهلڪارن مان ايس ايڇ او سميت وڌيڪ ٻن اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن بعد شهيد ٿيل اهلڪارن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو.
ڇوٽو گينگ خلاف پنجاب جي مختلف ضلعن جي پوليس جو 17 هين ڏينهن آپريشن جاري آهي پر پوليس کي ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.
ڇوٽو گينگ ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري 6 اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ بعد 27 اهلڪارن کي يرغمال بڻائي کڻي ويا هئا، هن مان وڌيڪ ٻن اهلڪارن کي به شهيد ڪيو ويو ۽ چئن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ پوليس حوالي ڪيو ويو.
هٿياربندن يرغمالي اهلڪارن مان ايس ايڇ او حنيف غوري سميت ٻن اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن بعد شهيد ٿيل اهلڪارن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو.
هٿياربندن پاران آپريشن ختم نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ يرغمالي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ بعد آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي.
ڏوهارين جي خاتمي لاءِ پوليس، رينجرز ۽ ايليٽ فورس جي وڏي نفري آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي، جڏهن ته هوائي ڪارروائي لاءِ آرمي جا هيليڪاپٽرز به پهچي ويا آهن…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*