چارسده جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائين دوران 10 اشتهارين سميت 40 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا

Chardasa-Police-Opr-14-4-16

چارسده جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائين دوران 10 اشتهارين سميت 40 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب، چارسده جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ڪيترن ئي گهرن جي جهڙتي ورتي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڏهن اشتهارين سميت شڪ جي بنياد تي 40 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس چيو ته گرفتار جوابدارن مان 10 اشتهاري ڏوهاري آهن، جڏهن ته شڪ جي بنياد  تي گرفتار ڪيل ماڻهن کي جاچ بعد آزاد ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*