گهوٽڪي جي ايس ايس پي ثاقب محمود سميت مختلف پوليس عملدارن جون بدليون ۽ مقرريون ويون

ghotkimap11-9

گهوٽڪي جي ايس ايس پي ثاقب  محمود سميت مختلف پوليس عملدارن جون بدليون ۽ مقرريون ويون آهن، گهوٽڪي جي هٽايل ايس ايس پي ثاقب سلطان محمود  خلاف  ڪجهه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي فرزانه انور شاهه کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ کيس حراسان ڪرڻ وارو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.
آءِ جي سنڌ جي آفيس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان کي هٽائي، مسعود بنگش کي ايس پي گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي.
ملڪ ظفر اقبال کي ايس ايس پي مٽياري مقرر ڪيو ويو آهي.
گهوٽڪي جي هٽايل ايس ايس پي ثاقب سلطان محمود  خلاف  ڪجهه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي فرزانه انور شاهه کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ کيس حراسان ڪرڻ وارو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.
هٽايل ايس ايس پي ثاقب سلطان تي گذريل سال گهوٽڪي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪيل آپريشن واري معاملي آڱريون کنيون ويون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*