لاهور جي علائقي شيرا ڪوٽ ۾ ٽريفڪ وارڊن مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائي ٽرڪ ڊرائيور کي زخمي ڪري وڌو

Lahore-Traffic-14-4-16

لاهور جي علائقي شيرا ڪوٽ ۾ ٽريفڪ وارڊن مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائي ٽرڪ ڊرائيور کي زخمي ڪري وڌو، واقعي خلاف ٽرڪ ڊرائيور جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
لاهور ۾ ٽريف وارڊن پاران شهرين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو هڪ وڌيڪ واقعو سامهون اچي ويو آهي.
شيرا ڪوٽ ۾ ٽريفڪ وارڊن مني ٽرڪ ڊرائيور تي تشدد ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، جنهن کي سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
زخمي ٽرڪ ڊرائيور طارق جي وارثن پاران ٽريفڪ وارڊن جي تشدد خلاف احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته ٽريفڪ وارڊن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي به درخواست ڏني وئي آهي.
زخمي ٽرڪ ڊرائيور الزام هنيو آهي ته پوليس مٿن صلح لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي. ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*