سپريم ڪورٽ ۾ اشتهاري مهم دوران 50 ڪروڙ ڪرپشن اسڪينڊل ۾ مشهور واپاري انعام اڪبر جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme Issue

سپريم ڪورٽ ۾ اشتهاري مهم دوران 50 ڪروڙ ڪرپشن اسڪينڊل ۾ مشهور واپاري انعام اڪبر جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب عملدارن عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيسز جي جاچ جاري آهي، سندس نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾شامل آهي.
چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مشهور واپاري انعام اڪبر جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته  واپاري انعام اڪبر ۽ شرجيل ميمڻ خلاف اشتهاري دوران 50 ڪروڙ کان وڌيڪ جي ميگا ڪرپشن ڪيسز جي جاچ هلندڙ آهي.
عدالت نيب کان پڇاڻو ڪيو ته شرجيل ميمڻ خلاف ڪيسز جي جاچ ۾ ڪهڙ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ هو ڪٿي آهي.
نيب ٻڌايو ته شرجيل ميمڻ خلاف ميگا ڪرپشن اسڪينڊلز جي جاچ هلندڙ آهي ۽ سندس نالو به ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ٿيل آهي، جڏهن ته هو پرڏيهه ۾ موجود آهي.
نيب عملدارن عدالت کان استدعا ڪئي ته واپاري انعام اڪبر خلاف ميگا ڪرپشن ڪيسز جي جاچ هلندڙ آهي، خدشو آهي ته هو پرڏيهه فرار ٿي ويندو، تنهنڪري سندس نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
عدالت نيب جي اهڙي درخواست تي انعام اڪبر جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*