نوابشاهه ويجهو هٿيار بند ٻن ڳوٺاڻن کي ٽريڪٽر ٽرالي سميت اغوا ڪري ويا، جنهن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Nawabshah-Protest-14-4-16

نوابشاهه ويجهو هٿيار بند ٻن ڳوٺاڻن کي ٽريڪٽر ٽرالي سميت اغوا ڪري ويا، جنهن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، پوليس موجب ڳوٺاڻن کي زميني تڪرار اغوا ڪيو ويو آهي.
قاضي احمد روڊ تان هٿيار بند زرعي زمين تي ويندڙ ڳوٺاڻي عبدالحيڪم لاکو ۽ ڪريم بخش ڏيرو کي ٽريڪٽر ٽرالي سميت اغوا ڪري ويا.
واقعي خلاف مغوين جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڳوٺاڻن کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.
مظاهرين چيو ته ٻنهي ڳوٺاڻن کي زرداري برادري جي ماڻهن اغوا ڪيو آهي، جن سان سندن تڪرار هلندڙ آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺاڻن کي فوري طور بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
ڊي ايس پي لاکاٽ مقبول ميمڻ جو چوڻ آهي ته زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار سبب ڳوٺاڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي، مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*