راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڇوٽو گينگ خلاف آپريشن جاري آهي، 2 مک ڪردار مارجي چڪا آهن،پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله

Rana-Sanaullah-14-4-16

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڇوٽو گينگ خلاف آپريشن جاري آهي، 2 مک ڪردار مارجي چڪا آهن، آپريشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج کان مدد گهري وئي آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب پوليس جون ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ قربانيون ساراهه جوڳيون آهن، هو شهيد اهلڪارن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهن.
هن چيو ته بدنام ڌاڙيل ڇوٽو گينگ جي خاتمي لاءِ راجنپور جي ڪچي ۾ پوليس، ايليٽ فورس جو آپريشن جاري آهي، جنهن دوران 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.
هن چيو ته دهشتگردن کي سندن انجام تائين پهچائڻ لاءِ هو هر حد تائين وڃڻ کان نه ڪيٻائيندا، ڇوٽو گينگ جو مک ڪردار جلد پنهنجي انجام تائين پهچي ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*