پنجاب جي علائقي راجنپور ۾ ڇوٽو گينگ جي ڏوهارين يرغمال بڻايل وڌيڪ 5 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو

Ranjanpur-Police-14-4-16

پنجاب جي علائقي راجنپور ۾ ڇوٽو گينگ جي ڏوهارين يرغمال بڻايل وڌيڪ 5 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ شهيد پوليس اهلڪارن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي، جڏهن ته آپريشن جي ڪاميابي لاءِ پاڪ فوج کان مدد طلب ڪئي وئي آهي.
ڇوٽو گينگ خلاف پنجاب جي مختلف ضلعن جي پوليس جو 17 هين ڏينهن آپريشن جاري آهي پر پوليس کي ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.
ڇوٽو گينگ ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري 6 اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ بعد 27 اهلڪارن کي يرغمال بڻائي کڻي ويا هئا.
ڏوهارين يرغمال پوليس اهلڪارن مان وڌيڪ پنجن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن چئن اهلڪارن کي زخمي حالت ۾ ڇڏيو ويو هو.
هٿياربندن پاران آپريشن ختم نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ يرغمالي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ بعد آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪ فوج کان مدد به طلب ڪئي وئي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*