سپريم ڪورٽ ۾ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر 25 ملازمن کي هٽائڻ لاءِ آخري مهلت ڏيندي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ ۾ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر  25 ملازمن کي هٽائڻ لاءِ آخري مهلت ڏيندي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي ته چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏيڻ باوجود هن عدالتي حڪمن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو.
چيف جسٽس انور ظهير جمال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر 5 هين کان 19 هين گرڊ جي عملدارن کي هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت چيف سيڪريٽري پاران حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا چيف سيڪريٽري کي عدالتي حڪم تي عمل عمل ناهي ڪرڻو، ڊيپوٽيشن تي مقرر ملازمن کي هفتي اندر نه هٽايو ويو ته عدالت کي حڪمن تي عمل ڪرائڻ اچي ٿو.
عدالت، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر 20 ملازمن کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کان جواب طلب ڪري ورتو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*