پاناما ليڪس ۾ عالمي اڳواڻن جي ڪرپشن جا پول پڌرا ٿيڻ بعد آف شور ڪمپني قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندڙ لا فرم موساڪ فنسيڪا جي هيڊ آفيس تي ڇاپو هڻي ڪمپني جو سمورو رڪارڊ سيل ڪري ڇڏيو

Panama-Case-2---14-4-16

پاناما ليڪس ۾ عالمي اڳواڻن جي ڪرپشن جا پول پڌرا ٿيڻ بعد آف شور ڪمپني قائم  ڪرڻ ۾ مدد ڏيندڙ لا فرم موساڪ فنسيڪا جي هيڊ آفيس تي ڇاپو هڻي ڪمپني جو سمورو رڪارڊ سيل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪمپني هيڊڪوارٽر ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
پاناما پوليس موساڪ فونسيڪا جي آفيس تي ڇاپو هڻي 27 ڪلاڪن تائين تلاشي ورتي ۽ سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پر ڪابه گرفتاري نه ڪئي.
موساڪ فونسيڪا ڪوبه غير قانوني يا غلط ڪم ڪرڻ جي ترديد ڪري ٿي، ان جو چوڻ آهي ته ڪمپني هيڪنگ جو شڪار ٿي آهي ۽ ان مان حاصل ڪيل معلومات غلط طريقي سان پيش ڪئي پئي وڃي.
پناما پيپرز جا هڪ ڪروڙ 15 لک دستاويز  پڌرا ٿيا، جن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي 12 موجوده ۽ اڳوڻن سربراهن توڙي 72 کان وڌيڪ سربراهن، واپارين ۽ شوبز جي شخصيتن جي مٽن مائٽن جون پرڏيهي ڪمپنيون ۽ پرڏيهي اڪائونٽس جي موجودگي جو پتو پيو هو، جن جو مقصد ٽيڪس چوري ۽ بدعنواني لڪائڻ قرار ڏنو ويو آهي.
پاناما جي پوليس ڪرائيم يونٽ جي مدد سان موساڪ فونسيڪا جي هيڊڪوارٽر تي اڱاري تي ڇاپو هنيو، جيڪو اربع تائين جاري رهيو، جنهن دوران دستاويزن جي جاچ ڪئي وئي.
پناما جي سرڪاري وڪيل جي آفيس مان جاري ٿيل بين ۾ چيو ويو آهي ته ڇاپي جو مقصد اهي دستاويز حاصل ڪرڻ هو، جن بابت ميڊيا ۾ معلومات پڌري ڪئي وئي آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته ڪمپني غير قانوني ڪمن ۾ ملوث هئي، جڏهن ته ڪمپني جي ذيلي آفيسن تي به ڇاپا هڻي ڪارروائي ڪئي ويندي.
موساڪ فونسيڪا ڇاپي بابت ٽوئيٽ ۾ واضح ڪيو  آهي ته آفيس ۾ جيڪا جاچ واري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ان ۾ ڪمپني جو عملو مڪمل سهڪار ڪندو رهندو.
پاناما ۾ موساڪ فونسيڪا جي آفيس تي ڇاپي کانپوءِ  ڪنسٽرڪشن ورڪرز يونين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ حڪومت کان مطالبو ڪري رهيا هئا ته ڪمپني خلاف مڪمل جاچ ڪري ڪرپشن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي تائين آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان پاناما جي عالمي سطح تي بدنامي ٿي رهي آهي.
پاناما جي صدر جوئان ڪارلوس ويرلاز واعدو ڪيو  آهي ته آف شور مالي ڪمپنين ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*