والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان ٽن ڄڻن جي قتل خلاف ٻئي ڏينهن به مڪمل هڙتال, ڇڪتاڻ سبب حڪومت انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي

Kashmir-Strike-14-4-16

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان ٽن ڄڻن جي قتل خلاف ٻئي ڏينهن به مڪمل هڙتال آهي، ڇڪتاڻ سبب حڪومت انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي ۽ اڪثر علائقن ۾ ڪرفيو برقرار آهي.
والاريل ڪشمير جي علائقي هندواره ۾ ناري سان ڀارتي فوجي اهلڪارن جي مبينا جنسي زيادتي خلاف احتجاج دوران ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ هڪ عورت سميت 3 مظاهرين مارجي ويا هئا، جنهن بعد سرينگر سميت ٻين علائقن ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو هو.
رياستي حڪومت ڪشميرين جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ سرينگر سميت اڪثر علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو هو پر ان باجود احتجاج کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي، جنهن دوران پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ احتجاج ڪندڙ مارجي ويو.
اربع ڏهاڙي هڪ احتجاج ڪندڙ جي مارجڻ بعد والاريل ڪشمير ۾ احتجاج دوران مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو آهي، جنهن بعد سڄي رياست ۾ احتجاج شدت اختيار ڪري ويو آهي.
رياستي حڪومت ڪپواڙا، باره مـــُولا، بانڊي پوره ۽ گاندر بل جي علائقن ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس مڪمل طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سرينگر ۽ ڏکڻ ڪشمير جي ماڻهن به سروس بحال نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪري رهيا آهن.
رپورٽس موجب انتظاميه والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ٻئي پاسي هندواره ۾ احتجاج ڪندڙن چڪ تان بــِنڪر هٽائڻ ۽ ويجهي فوجي ڪيمپ کي منتقل ڪرڻ تائين مظاهره جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڀارتي فوج احتجاج دوران ٽن مظاهرين جي سندن فائرنگ ۾ مارجڻ جي ترديد ڪئي آهي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت توڙي فوج واقعي جي ڌار ڌار جاچ جو اعلان به ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*