روسي جنگي جهازن امريڪا جي اينٽي ميزائل ٻيڙي جي ويجهو 12 ڀيرا اڳرائي واريون اڏامون ڪيون پر انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي,امريڪا

US--Russia-14-4-16

امريڪا چيو آهي ته روسي جنگي جهازن امريڪا جي اينٽي ميزائل ٻيڙي جي ويجهو 12 ڀيرا اڳرائي واريون اڏامون ڪيون پر انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي.
امريڪي عملدارن موجب دي سڪوئي ايس يو ٽوئنٽي فور جنگي جهاز بين الاقوامي پاڻين ۾ امريڪا جي ميزائل تباهه ڪندڙ سامونڊي ٻيڙي جي تمام ويجهو اچي ويا هئا، پر انهن جنگي جهازن تي ڪي هٿيار نه هئا، انڪري انهن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي.
وائيٽ هائوس جي ترجمان جوش ارنيسٽ بريفنگ دوران ٻڌايو ته هو روسي جهازن جي اڏامن وارن واقعن کان باخبر آهن، جيڪو انٽرنيشنل پاڻي ۽ انٽرنيشنل هوائي حدن ۾ فوجي آپريشن جي پروفيشنل اخلاقيات جي ڀڃڪڙي آهي، جنهنڪري امريڪا کي ان تي سخت ڳڻتي آهي
هن چيو ته گذريل سال به روسي فوج پاران اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا هئا، جن ۾ هوائي توڙي سامونڊي ٽريفڪ سخت خطري ۾ پئجي وئي هئي، اهڙو عمل چڙ ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن، جنهن جو اظهار امريڪا کلئي نموني توڙي روسين سان سڌي طريقي سان ڪندو رهي ٿو.
هڪ امريڪي عملدار جو چوڻ هو ته سومر ۽ اڱاري ڏينهن پيش آيل تازن واقعن کي ويجهي ماضي ۾ سڀ کان وڌيڪ اڳرائي وارين ڪارروائين مان هڪ هئي، جڏهن ته امريڪي ٻيڙي جي ڪمانڊر ڊونلڊ ڪڪ به روسي جنگي جهازن جي اهڙين اڏامن کي اڳرائي واري ڪارروائي قرار ڏنو.
امريڪي يورپئين ڪمانڊ پاران جاري ڪيل بيان موجب روسي جهازن جي اڏامن وقت ڪمانڊر ڊونلڊ ڪڪ فوجي هيليڪاپٽر  جي لينڊنگ جون مشقون ڪري رهيو هو ۽ روسي جهاز هڪ موقعي تي جنگي جهاز کي 30 فوٽ ويجهو اچي ويا هئا.
ٻئي ڏينهن ڪـــَي اَي ٽوئنٽي سيون نالي روسي هيليڪاپٽر، امريڪي اينٽي ميزائل ويجهو هيٺئين اڏام ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻيا روسي جهاز به ان جي ويجهو کان گذريا.
روسي جنگي جهازن جون اهڙيون اڏامون 1970ع جي ان معاهدي جي ڀڃڪڙي سمجهي سگهجن ٿيون، جنهن جو مطلب سمنڊ ۾ خطرناڪ حادثن کي روڪڻ هو، پر روسي جنگي جهازن جي ان علائقي مان واپس وڃڻ تائين فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته امريڪا کي روس جي غير محفوظ ۽ غير پيشيوراڻين سرگرمين تي سخت ڳڻتي آهي، جن سان ٻن ملڪن وچ ۾ اجايو ڇڪتاڻ وڌندي ۽ ڪو حادثو به پيش اچي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*