امريڪا جي اڳواڻي ۾ اتحادين جي شام ۽ عراق ۾ داعش خلاف ڪارروائين کانپوءِ دهشتگرد پوئتي ڀڄي رهيا آهن,امريڪي صدر براڪ اوباما

Obama-14-4-16

امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته امريڪا جي اڳواڻي ۾ اتحادين جي شام ۽ عراق ۾ داعش خلاف ڪارروائين کانپوءِ دهشتگرد پوئتي ڀڄي رهيا آهن.
واشنگٽن ۾ سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي جي هيڊڪوارٽر ۾ قومي سلامتي وارن صلاحڪارن سان گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر براڪ اوباما هو طاقت سان دشمن کي ناس ڪري رهيا آهن ۽ ان کي برقرار رکيو ويندو.
هن چيو ته اتحادين جي حملن کانپوءِ داعش جي قبضي هيٺ علائقن جي سپلاءِ ڪٽجي وئي آهي ۽ دهشتگردن جي اڳواڻن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي پر انهن جي خاتمي ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.
صدر اوباما چيو ته امريڪا عراق جي مدد جاري رکندو ۽ دنيا کي به ايئن ڪرڻ گهرجي ته جيئن آزاد ڪرايل علائقا مستحڪم ٿين ۽ ترقي به ٿئي ته حڪمراني به بهتر ٿئي.
امريڪي صدر جو چوڻ هو ته هاڻي داعش جا ويڙهاڪ لبيا ڏينهن فرار ٿي رهيا آهن، جتي به نئين حڪومت جي مدد ڪئي ويندي.
امريڪا ۽ اتحادين شام ۽ عراق ۾ داعش خلاف ساڍا 11 هزار هوائي حملا ڪيا آهن، جن ۾ داعش جا ڪيترائي اڳواڻ مارجي ويا  آهن ۽ ڪيترائي گرفتار به ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*