ڪاري نسل جي ماڻهن کي پاڻڀرو ڪرڻ ۽ بي روزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ 125 بلين ڊالرز جي تجويز پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته امريڪا ۾ اڃا به نسل پرستي خلاف جدوجهد جاري آهي,امريڪا جي ڊيموڪريٽ صدارتي اميدوارن هليري ڪلنٽن

hillary-clinton-14-4-16

امريڪا جي ڊيموڪريٽ صدارتي اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل هليري ڪلنٽن چيو آهي ته ڪاري نسل جي ماڻهن کي پاڻڀرو ڪرڻ ۽ بي روزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ 125 بلين ڊالرز جي تجويز پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته امريڪا ۾ اڃا به نسل پرستي خلاف جدوجهد جاري آهي.
نيويارڪ  ۾ ريورينڊ الشارپٽن جي سالياني نيشنل ايڪشن ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هليري ڪلنٽن چيو ته امريڪا ۾ نسل پرستي خلاف ڊگهي عرصي کان جدوجهد جاري آهي، جيڪا پري پري تائين ختم ٿيندي نظر نٿي اچي.
هن چيو ته هنن چونڊن ۾ ريپبليڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار  جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳيان اهو ساڳيو ڊونلڊ ٽرمپ آهي، جيڪو صدر اوباما کي نااهل قرار ڏيارڻ چاهي پيو، جيڪو ميڪسيڪو جي پناهگيرن کي زاني ۽ قاتل سڏي ٿو ۽ جيڪو سمورن مسلمانن کي امريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ چاهي ٿو.
هليري ڪلنٽن چيو ته ڪاري نسل جي برادرين مان بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي ۽ کين پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ هوءَ هڪ سئو 25 ارب ڊالرز رکڻ جي تجويز ايجنڊا لاءِ پيش ڪري رهي آهي، جنهن مان 20 ارب ڊالر نوجوانن لاءِ نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ لاءِ رکيا ويندا.
هليري ڪلنٽن پنهنجي پارٽي جي اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل برني سينڊريز کان اڳتي آهي، 19 اپريل تي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ پرائمري سندس لاءِ اهم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*