ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب ساحلي پٺي ۾ وارا علائقا سمنڊ جي ور چڙهي وڃڻ خلاف سجاول ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Sujawal-Qat-14-4-16

ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب ساحلي پٺي ۾ وارا علائقا سمنڊ جي ور چڙهي وڃڻ خلاف سجاول ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي نوراحمد ڪاتيار، حسين آزاد ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن چيو ته انڊس ڊيلٽا ۾ 1991 معاهدي تحت پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ روزانو لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ هزارين ماڻهو معاشي بدحالي جو شڪار ٿي لڏپلاڻ تي مجبور آهن.
هنن چيو ته اهڙي صورتحال رهي ته ٺٽو، بدين ۽ سجاول دنيا جي نقشي تان مٽجي ويندا پر حڪومت اهڙي نازڪ مسئلي تي ڪو به  تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.
هنن چيو ته جلد کان جلد 1991 معاهدي تحت پاڻي ڇڏي ساحلي پٽي جي عوام ۽ ضلعي جي ماڻهن کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*