دادو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ پوليس عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪندي غير معياري دوائون هٿ ڪرڻ بعد 5 ليبارٽريون سيل ڪري ڇڏيون

Dadu-Dr-Raid-14-4-16

دادو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ پوليس عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪندي غير معياري دوائون هٿ ڪرڻ بعد  5 ليبارٽريون سيل ڪري ڇڏيون آهن.
اسسٽنٽ ڪمشنر نجيب الله جمالي جي اڳواڻي ۾ پوليس شهر جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي غير معاري دوائون هٿ ڪري 5 ليبارٽريون سيل ڪري ڇڏيون آهن.
اسسٽنٽ ڪمشنر نجيب الله جمالي جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران غير رجسٽرڊ مهراڻ ليبارٽري، اياز ليبارٽري، ڀٽائي، نواز ۽ قلندر ليبارٽي کي سيل ڪيو ويو آهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيتريون ئي غير معياري دوائون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروايون جاري آهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*