سنڌ ۾ ڪڻڪ لاءِ بارداڻو نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، سکر، نوابشاهه، ڪوٽڏيجي، نارو، ڀرياسٽي ۽ ٻين شهرن ۾ آبادگارن مظاهرا ڪيا،جڏهن ته خانپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ڇاپن دوران بارداڻي جون سوين ٻوريون هٿ ڪري 2 گدام سيل ڪيا ويا

Dado-Protest-14-4-16

سنڌ ۾ ڪڻڪ لاءِ بارداڻو نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، سکر، نوابشاهه، ڪوٽڏيجي، نارو، ڀرياسٽي ۽ ٻين شهرن ۾ آبادگارن مظاهرا ڪيا،جڏهن ته خانپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ڇاپن دوران بارداڻي جون سوين ٻوريون هٿ ڪري 2 گدام سيل ڪيا ويا.
بارداڻو نه ملڻ خلاف سکر ۾  آبادگارن مڪيم کوسو، سهڻو خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
نوابشاهه ۾ سنڌ آبادگارن ايسوئيشن جي سڏ تي زبير احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي فوڊ عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
نارو جي آبادگارن   گلاب چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي چونڊڪو ۽ سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.
ڀريا روڊ ۾ آبادگارن حڪيم لاکو، علي حسن لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اناج منڊي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري فوڊ عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي.
اوستا محمد ۾ آبادگارن بارداڻو نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي شاهه لطيف چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.
ڪوٽڏيجي، ٽنڊو مستي، ڪنب، ٺارو شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ به آبادگارن خوراڪ کاتي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.
مظاهرين جو چوڻ آهي ته خوراڪ کاتي جا عملدار ڪڻڪ لاءِ مليل بارداڻو بااثرن حوالي ڪري رهيا آهن۽ بچي ويل بارداڻو واپارين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي.
هنن مطالبو ڪيو ته بارداڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪري ننڍن آبادگارن سان نا انصافيون بند ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.
خانپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مختلف هنڌن  تي ڇاپا هڻي واپارين کي وڪرو ڪيل بارداڻي جون سوين ٻوريون هٿ ڪري 2 گدام سيل ڪري ڇڏيا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*