پي ايس پي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Mustafa-kamal-14-4-16

پي ايس پي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اڳوڻي برطانوي سفارتڪار  شهريار نيازي به متحده سربراهه تي “را” سان لاڳاپن جا الزام ورجايا آهن، حڪومت اهڙن الزامن کانپوءِ متحده تي پابندي لڳائي يا وري اسان خلاف ڪارروائي ڪري،  متحده وارا به الطاف حسين جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، فاروق ستار ڀارتي ايجنٽ جو به ايجنٽ آهي، مون وڌيڪ زبان کولي ته هنن جي ٻارڙن جو اسڪول وڃڻ به بند ٿي ويندو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته برطانيه جي اڳوڻي هيڊ آف مشن شهر يار نيازي به ايمڪيو ايم سربراهه تي “را” سان لاڳاپن جا الزام هنيا آهن.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪڏهن اهڙا الزام جيڪڏهن ڀارت ۾ڪنهن تي لڳن ها ته ڇا اتان جي سرڪار ائين خاموش ٿي ويهي ها، حڪومت کي هاڻي هڪ پاسي ٿيڻو پوندو پاڪستان سرڪار ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائي يا وري اسان خلاف ڪارروائي ڪري.
پي ايس پي اڳواڻ چيو ته فاروق ستار شايد سمجهي ٿو ته هو سندس خلاف نه ڳالهائينداسين پر جيڪڏهن مون  زبان کولي ته هنن جا ٻار به اسڪول نه وڃي سگهندا.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم وارا پاڻ ئي متحده سربراهه جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، فاروق ستار ته ڀارتي  ايجنٽ جو به ايجنٽ آهي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته رحمان ملڪ ايم ڪيو ايم لاءِ پارٽي اڳواڻن کان به وڌيڪ پاور فل هو، جنهن کي برطانوي سرڪار ايم ڪيو ايم سربراهه جي را سان لاڳاپن بابت آگاه ڪيو هو، ايم ڪيو ايم رحمان ملڪ کي نگهبانيءَ لاءِ رکيو هو.
مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اهڙن الزامن بعد  پاڪستان سرڪار  يا ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائي يا وري اسان خلاف ڪارروائي ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*