سپريم ڪورٽ، سنڌ سرڪار ۽ پ پ جي درخواستن کي رد ڪندي ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، سنڌ سرڪار ۽ پ پ جي درخواستن کي رد ڪندي ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت عورتن ۽ نوجوانن جي مخصوص سيٽن ۾ واڌ واري ترميم برقرار رکندي بل ۾ 14 ڏينهن اندر ترميم ڪرائي ٻن مهينن اندر ميئر، ڊپٽي ميئر. چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ جي حوالي سان سنڌ سرڪار ۽ پ پ جي درخواستن تي گذريل ڏينهن فيصلو ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو.
عدالت سنڌ سرڪار ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي درخواستن کي رد ڪندي ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ڪرائڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو.
عدالت عورتن جون مخصوص سيٽون 22 مان وڌائي 33 ڪرڻ ۽ نوجوانن جون سيٽون 5 سيڪڙو ڪرڻ واري ترميم برقرار رکندي قانون جي آرٽيڪل 18 اي ۾ ٻن هفتن اندر ترميم جو حڪم ڏنو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اليڪشن شيڊول کانپوءِ قانونسازي ڪئي وئي، جنهن جو ڪوبه جواز ناهي، اها سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي جو وقت تي قانونسازي نه ڪري سگهي.
عدالت اليڪشن ڪميشن کي سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ٻن مهين اندر ڳجهي راءِ شماري ذريعي ڪرائڻ جو حڪم ڏنوآهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مخصوص سيٽن تي چونڊون پارٽي لسٽ تحت ٿينديون، جيڪڏهن قانون ۾ ترميم نه ٿي سگهي ته موجوده قانون تحت ئي چونڊون ڪرايون وڃن.
عدالت اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ ٿيل مقررين ۽ بدلين کي پڻ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*